پنهل ڏهر

پنهل ڏهر: ناميارو اديب ۽ محقق محمد پنهل ڏهر، پهرين جون 1959ع تي ڳوٺ غلام علي ڏهر، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ حاجي ڪانهيي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ 1975ع ۾ گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ڏهرڪيءَ مان پاس ڪيائين. ايم. اي سنڌي ادب ۾، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۽ 1990ع ۾ مسلم هسٽريءَ ۾ ڪيائين.
محمد پنهل ڏهر 1982ع ۾ پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. 1993ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد، پاڪستان ڪاليج خيرپور ۾ ليڪچرار ٿيو. ڪجهه وقت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ڏهرڪيءَ جو انچارج پرنسپال به رهيو ۽ هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميرپور ماٿيلي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. محمد پنهل ڏهر جو ادبي لاڙو تحقيق ڏانهن رهيو آهي. هن ڪلاسيڪي شاعري، شخصيتن ۽ ٻين علمي ادبي موضوعن تي 100 جي لڳ ڀڳ تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، ماهوار پيغام، سرمست ۽ ٻين مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا:
(1) معارف حافظ الملت (حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ واري جي شخصيت ۽ علمي خدمتون: (1995ع)، (2) ’سرمست‘ ۾ شايع ٿيل مواد جي مڪمل فهرست (2000ع)، (3) ڪلام صوفي عثمان فقير لغاري (2003ع).


لفظ پنهل ڏهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.06.01  عيسوي

ناميارو اديب ۽ محقق محمد پنهل ڏهر، پهرين جون 1959ع تي ڳوٺ غلام علي ڏهر، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقدير ڪاڃون
عبدالرشيد گبول
صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي
اويس ڀٽو
لڇمڻ ڀنڀاڻي
شيوارام ڦيرواڻي
حاجن شاهه هموطن سيتائي
عاجز ڪريم پوري
روي ٽيڪچنداڻي ڊاڪٽر
علي بابا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون